ڊيووس – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آ??ي ته گڏيل خوشحالي جو مقصد رکندڙ ”هڪ خطو هڪ رستو“ منصوبو ڪيترن ئي ملڪن، خطن ۽ تهذيبن کي ڳنڍيندي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، سي پيڪ منصوبي تحت پاڪستان ۾ مواصلات، بنيادي ڍانچي، توانائي جي وڏن منصوبن تي ڪم ٿي ??هيو آ??ي، منصوبي سان علائقائي واپار کي هٿي ملندي ۽ خطي جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار 48 هين عالمي اقتصادي فورم ۾ ”هڪ خطو، هڪ رستو جي اثرن“ جي موضوع تي پينل مباحثي ۾ ڳالهائيندي ڪيو. پينل ۾ ٻين مقررين ۾ ايشين انفراسٽرڪچر ا??وي??ٽمينٽ بئنڪ جو صدر جن لي چن، مئنيجنگ ڊائريڪٽر سائي چن ??لوبل لي چن، رشين ڊائريڪٽ ا??وي??ٽمينٽ فنڊ جو چيف ايگزيڪيوٽو آ??يسر ڪيرل دمتري آف، چائنا نيشنل مشينري انڊسٽريل ڪارپوريشن جو چيئرمين رين هانگ بن، سنگاپور جو وزير چان چن سنگ ۽ اي اي سي او جو چيئرمين مائيڪل ايس برڪ شامل هئا.
هڪ خطو هڪ رستو منصوبو اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria