اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناله لئ?? منصوبي جي منظوري ڏيندي فوري ڪم شروع ڪر?? جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي ۽ اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي تحت ناله لئ?? جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم اها منظوري ناله لئ?? منصوبي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير جي خاص مددگار ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم ناله لئ?? منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان منصوبي جو ڪاٿو 75 ارب روپيا آهي اهو منصوبو ٻن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي تحت ناله لئ?? جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي تعمير ڪئي ويندي. سرڪاري زمين تي ٻه مال به ٺاهيا ويندا، منصوبي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت مڪمل ڪيو ويندو، وزيراعظم منصوبي تي فوري طور تي ڪم شروع ڪر?? جي به هدايت ڪئي.
وزيراعظم ناله لئي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪم جلدي شروع ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل