اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سينيٽر ا??رنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي، وزيراعظم عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ڪندي اورنگزيب خان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستبردار ??ي ويو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر ا??رنگزيب خان جي رهائشگاهه تي صح??فين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي سينيٽر ا??رنگزيب خان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته سينيٽر ا??رنگزيب خان جو تعلق اڳوڻي فاٽا سان آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراعظم عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اسان سان گڏ رهندو. هن چيو ته سينيٽر ا??رنگزيب خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي طرح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي طرح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.
سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔