اسلام آ??اد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آ??ي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي، مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آل پاڪس??ان مگس باني ايسوسيئيشن جي وفد سا?? ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪس??ان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪس??ان جي اعليٰ معيار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ته پاڪس??ان ۾ اعليٰ معيار جي ماکي جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي تربيت جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.
واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي: صدر
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ