اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن آهي، موجوده حڪومت آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي ترقي سان گڏوگڏ غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ پڻ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي ترقي، مجموعي صو??تحال ۽ ڪشمير مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر چيو ته حڪومت آزاد ??مون ۽ ڪشمير جي اقتصادي ترقي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي، آزاد ??مون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، حڪومت ملڪ ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي کي هر فورم تي موثر انداز ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي، پاڪستان 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن کي رد ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري عوام جي حمايت جاري رکندو، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير مسئلي جو حل ئي خطي ۾ امن جو ضامن آهي. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين تي ظلمن جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي ??سل??انن سان غيرانساني سلوڪ ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اتي ??سل??انن جي ثقافتي ورثي کي پڻ مٽايو پيو وڃي. صدر چيو ته مودي جي انتهاپسند ۽ ??سل??ان مخالف حڪومت کان پوري خطي کي خطرو آهي.
پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو: صدر
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا