اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ا??را?? اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، پاڪستان جيو اقتصادي خوشحالي ۽ علائقائي رابطن جي فروغ کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪستان کان ترڪيءَ ۽ آذربائيجان تائين عالمي روڊ ٽرانسپورٽ سان پوري اي سي او خطي کي فائدو پهچندو. اهڙن خيالن جو ا??هار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪمانستان جي دوري دوران ا??را?? جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان اشڪ آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ معيشت جي ٻطرفي مڪينزم جا باقاعده اجلاس ضروري آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ وسيع امڪان موجود آهن ۽ ا??تصادي تعاون تنظيم علائقائي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر چيو ته معاشي تعاون ۽ علائقائي رابطا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي تعاون تنظيم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٻئي ملڪ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون ۽ لاڳاپا وڌيڪ مستح??م بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي صدرن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو ا??هار ڪندي پاڪستان ۽ ا??را?? جا ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ا??را??ي صدر کي تازو ئي اليڪشن ۾ ڪاميابي ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ ڪشمير مسئلي تي ا??را?? جي اصولي موقف تي ا??را??ي صدر جا ٿورا مڃيا. صدر ا??را?? جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو ۽ ا??را?? جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پڻ صدر کي ا??را?? جي دوري جي دعوت ڏني.
ايران اهم مسلمان ۽ ڀائر پاڙيسري ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا تاريخي، لساني، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha