اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته نواز شريف ج??ن اسرائيلي سفارتڪار سان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، اهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهرئين ملڪ هليا ويندا آهن ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو آ??ه ڪار بڻجي ويندا آهن، انهي لاءِ نواز شريف کي ٻاهر موڪلڻ جي مخالفت ڪئي هئي، عم??ان خان دلير ماڻهو آ??ي، هو ماڻهن جي سامهون شيون رکندو آ??ي، عوام کي گڏ ??ڻي هلندو آ??ي، سياسي پارٽي جي حيثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي سامهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آ??ي. اهڙن خيالن جو اطهار هن وفاقي وزير اسد عم?? سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم چيف جسٽس کي پاڪستان جي وڏي هجڻ جي حيثيت سان خط ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي، خط ڏيکارڻ جو مقصد اهو آ??ي ته چيف جسٽس صاحب کي خط سان جڙيل معاملن جو پتو پئجي سگهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ اسان جي سامهون آهي، لياقت علي خان شهيد ٿيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي، جنرل ضياءُ الحق جو جهاز تباهه ٿيو، هن خط جي ذريعي انهن نتيجن کان آگاهه ڪيو ويو ته سياست عم??ان خان کي ڪيڏانهن وٺي ويندي. هن چيو ته وزيراعظم عم??ان خان دلير ماڻهو آ??ي، هو ماڻهن جي سامهون شيون رکندو آ??ي، عوام کي گڏ ??ڻي هلندو آ??ي، هن چيو ته پاڪستان ۾ اهڙو اڳواڻ موجود آهي جيڪو ٻاهر وارن جون ڪالون ناهي کڻندو، هي اهو اڳواڻ آهي جيڪو عوام سان جڙيل آهي. هن چيو ته سياسي پارٽي جي حيثيت سان اسان جو ڪم آهي ته ماڻهن جي سامهون حق ۽ سچ رکيو وڃي، فيصلو پاڪستان جي ماڻهن ۽ چونڊيل نمائندن کي ڪرڻو آ??ي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم جي مقبوليت جي ڪري ٻاهريان عنصر خوفزده آهن، اهو خط بي اعتمادي رٿ اچڻ کان اڳ جو آ??ي، هن خط ۾ بي اعتمادي رٿ جون ڳالهيون به شامل آهن، مخالف ڌر جا ماڻهو اڻڄاڻائي جي ڪري ان سازش جو حصو آ??ن. هن چيو ته م??ن انهي لاءِ چيو هو ته نواز شريف کي ٻاهر نه وڃڻ ڏنو وڃي، اهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهر هليا وڃن ٿا ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو آ??ه ڪار بڻجي ويندا آهن، نواز شريف ج??ن اسرائيلي سفارتڪار سان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، هن چيو ته ميڊيا جي ٻن ٽن نام نهاد وي لاگرز خط لهرايو، انهن نام نهاد سينئر وي لاگرز جي ٽي وي تي به ريٽنگ نه آهي، اهي پنهنجي وي لاگ تي ئي لڳل هوندا آهن، کين ڪالهه به چيو هو ته اهي نوجوان رپورٽرز کان تربيت وٺن ته خبر جي تصديق ڪهڙي طرح ڪئي ويندي آهي، هڪ خط يورپي يونين جو لهرايو پيو وڃي جيڪو اڳ ۾ ئي پبلڪ آهي، هڪ صحافي جعلي خط به شيئر ??ري ڇڏيو، هن چيو ته جنهن خط جو ذڪر ڪيو پيو وڃي اهو ميڊيا وٽ نه آهي، جيڪي ماڻهو ٻين خطن کي ان خط جو چئي پيش ڪري رهيا آهن اهي ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن.
نواز شريف جون اسرائيلي سفارتڪار سان ملاقاتون رڪارڊ تي آهن، اهڙا ماڻهو جڏهن ٻاهرئين ملڪ هليا ويندا آهن ته اهي انٽرنيشنل اسٽيبلشمينٽ جو آله ڪار بڻجي ويندا آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی