اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا پرڏيهي وزارت ۾ مل??قات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب مل??قات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت يورپي يونين سان ٻطرفي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، يورپي يونين سان ٻطرفن گهڻ رخي لا??اپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان اقتصادي ترجيحن جي ڏس ۾ يورپي يونين سان اسٽريٽجڪ حصيداري جي اڳئين مرحلي جي گڏيل منصوبن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ پرعزم ??هي. پرڏيهي وزير پاڪس??ان ۽ يورپي يونين جي وچ ۾ ٻطرفن لا??اپن جي استحڪام ۾ پاڪس??ان ۾ مقرر يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا جي ڪردار کي ساراهيو. يورپي يونين جي سفير اندرولا ڪامينارا ساراهه ڪرڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز