اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ ق??مي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ کي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجز بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌايو، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته 3 اپريل 2022ع تي ڏنل ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي رولنگ آئين جي منافي آهي، ق??مي اسيمبلي ٽوڙڻ به قانون جي خلاف هو، ق??مي اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ غير آئيني هو، ق??مي اسيمبلي 3 اپريل 2022ع جي پوزيشن تي بحال ڪئي وڃي ٿ??، نگران حڪومت جي قيام لاءِ ڏنل سمورا حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ٻيهر اليڪشن جي حوالي سان صدر جو حڪم به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي ??و، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته وز??را??ظم اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي اهل نه هو، وز??را??ظم، صدر کي ايڊوائيز نٿو ڏئي سگهي، وز??را??ظم ۽ وفاقي ڪابينا عهدن تي بحال ٿي چڪا آهن، اسپيڪر ق??مي اسيمبلي جو 9 اپريل ڇنڇر تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وز??را??ظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ٿيندي، حڪومت ڪنهن ميمبر جي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، ڪنهن به ق??مي اسيمبلي ميمبر کي ووٽ وجهڻ کان نٿو روڪي سگهجي، تنهن هوندي به پارٽي کان باغين تي آرٽيڪل 63 اي لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس اڪلائيندي قرار ڏنو آهي ته اسپيڪر ڇنڇر تي ق??مي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي، بي اعتمادي رٿ ڪامياب ٿئي ته فوري نئين وز??را??ظم جي چونڊ ڪئي وڃي، لکت وارو حڪم نامي بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
سپريم ڪورٽ پاران ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ آئين جي خلاف قرار ڏيئي ڪالعدم قرار، 9 اپريل تي ساڍا 10 وڳي اجلاس گهرائي، وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪرائڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار