اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت پاران نيشنل اميچور شارٽ فل?? فيسٽيول (NASFF – 21) جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نوجوانن جي مان ۾ مانجهاندي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو مقصد نيشنل اميچور شارٽ فل?? فيسٽيول جي اسڪالرشپس کٽيندڙ نوجوانن کي عالمي شهرت يافته فلم انسٽيٽيوٽ نيويارڪ فلم اڪيڊمي، آسٽريليا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ڪاميابي کي ملهائڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز (ڊي اي ايم پي) عمرانه وزير، ايڊيشنل سيڪريٽري ??بشر توقير، ڊائريڪٽر (ڊي اي ايم پي) آصف الرحمان، آءِ ايس پي آر جي آفيسرن برگيڊيئر عمران نقوي ۽ ميجر احمد بٽ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان مو??عي تي نيشنل اميچور شارٽ فل?? فيسٽيول اسڪالرشپس حاصل ڪندڙن حمزه بن افتخار، عقيده چشتي، روح الله ڪشفي، شاهه زيب علي، ثقلين عباس، حذيفه احمد، مريم نقوي، وشال ڪدواني، عرفان نور بخش ۽ حارث لطيف موجود هئا. ان مو??عي تي ايفنيٽي مان صبا چوهاڻ، ميثم رضا ۽ محمد ياسر پڻ موجود هئا. ان مو??عي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري ??يشنل اميچور شارٽ فل?? فيسٽيول جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. نيشنل اميچور شارٽ فل?? فيسٽيول نوجوانن کي ميڊيا سائنسز ۽ فلم سازي جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل اميچور شارٽ فل?? فيسٽيول پليٽ فارم پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ ان شعبي ۾ پنهنجو ڪيريئر بڻائڻ جو بهترين موقعو آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي تحقيقي صلاحيتن ۽ مهارتن جي اظهار لاءِ اهڙن ايونٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول (NASFF – 21) جي اسڪالرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نوجوانن جي مان ۾ مانجهاندو
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado