اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر منظوري آئين جي آرٽيڪل 75 تحت ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب منشيات ڪنٽرول ايڪٽ ۾ غيرقانوني منشيات بابت ڏوهن جي لاءِ موت يا عمر قيد جي سزا تجويز ڪئي وئي آهي. سزائون هيروئن، مارفين، ڪوڪين ۽ ائس سميت مختلف مقدار جي نشي آور دوائن ۽ منشيات تي ڏني ويندي. صدر جي منظوري کانپوءِ اهو بل منشيات ڪنٽرول (ترميمي) ايڪٽ 2022ع جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي. هيروئن يا مارفين جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه تي 20 سال کان وڌيڪ قيد ۽ 10 لک رپي?? کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. هيروئن يا مورفين جي 6 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهه ۾ س??ا موت يا 15 کان 20 لک رپين جي ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. 3 ڪلو يا وڌيڪ ڪوڪين جي ڏوهه ۾ س??ا موت يا 20 سال?? کان وڌيڪ قيد سان گڏ 25 لک رپي?? کان وڌيڪ ڏنڊ هوندو. آفيس جي 4 ڪلوگرام يا وڌيڪ مقدار جي ڏوهن تي سزائي موت يا 25 لک رپي?? کان وڌيڪ ڏنڊ سان عمر قيد جي سزا هوندي. ڏوهه ڪنهن اسڪول، ڪ??ليج، يونيورسٽي، تعليمي اداري جي اندر يا ويجهو سرزد ٿيڻ تي ان ڏوهه جي وڌ کان وڌ سزا هوندي.
صدر منشيات ڪنٽرول (ترميمي) بل 2022ع جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر