اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي ڪوئيٽا سبي ٽرانسميشن لائين بحال ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ڪوئيٽا کي 300 ميگاواٽ بجل?? جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب 220 ڪي وي ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن به بحال ڪئي وئي آهي جنهن کانپوءِ علائق?? جي 132 ڪي و?? جي 19 گرڊز ڪوئيٽا انڊسٽريل گرڊ اسٽيشن سان ڳنڍيو ويو آهي. قومي شاهراهه اين – 65 (سکر – ڪوئيٽا) کي پڻ هيوي ٽريفڪ جي لاءِ بحال ڪيو ويو آهي جنهن سان نصيرآباد ڊويزن ۽ ٻين ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ ۾ آساني ٿيندي. واضح رهي ته وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحال?? جي ڪمن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان کيس روزان?? جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي پئي وڃي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز