استنبول – 21 – آ??ٽو??ر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان ترڪيه جي فلمي صنعت جي نمائندن جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڊرامن ۽ فلم جي شعب?? ۾ ??عاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاڪستاني فلمن جي نمائش جي لاءِ ترڪيه ۾ فلمي ميلي ۾ پاڪستان جي شرڪت جو اعلان ڪيو. فلمي ميلي جي تاريخ جو تعين ايندڙ هفتي ترڪيه ۾ فلمي ميلي جي انعقاد جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستا?? ۾ ??يار ٿيندڙ ٽي نيون فلمون فيسٽيول ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون. هن چي?? ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل منصوبن جي لاءِ فزيبلٽي تيار ڪئي ويندي. ملاقات ۾ پاڪستا?? ۾ ??ديد ترين فلم پراسيسنگ ليب جي قيام ۾ تعاون، ترڪيه جي يونيورسٽين سان گڏ تعليمي ن??اب ۾ فلم سازي ۽ اداڪاري جي مضمون شامل ڪرڻ جي لاءِ تعاون تي به اتفاق ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٽيون سڀ کان وڏو فلم ٺاهيندڙ ملڪ هو. هن چي?? ته 2008ع ۾ فلمي صنعت جي بحالي جو ڪم شروع ٿيو، اسان ملڪي تاريخ جي پهرين فلم اينڊ ڪلچر پاليسي تشڪيل ڏني. فلمي صنعت کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ، نيون فلمون ٺاهڻ جي لاءِ مالي مدد جون سهولتون ڏنيون. هن چي?? ته پاڪستان ۾ فلمن جي تياري تي 70 سيڪڙو تائين ٽيڪس ۾ رعايت ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته فلم جي ڪهاڻي، معيار، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، قومي فلم پاليسي جو حصو آهي، ان کانسواءِ نئين سئنيما گهرن جي قيام، بحالي ۽ فنڪارن کي مراعتون ڏيڻ جي لاءِ قدم به کنيا آهن. هن چي?? ته فلم ۽ سياحت جي شعبي ۾ پاڪستان جي 70 سيڪڙو نوجوانن کي شامل ڪرڻ جو هي بهترين موقعو آهي. نوجوانن جي لاءِ فلمي شعبي ۾ انٽرنيشنل ورڪشاپ منعقد ڪيا پيا وڃن، جنه?? ۾ ??هترين ساک جي حامين پروڊيوسرز کي گهرائينداسين. مريم اورنگزيب چي?? ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چي?? ته پاڪستان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن، ترڪيه جا فلمساز انهن قدرتي سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. وفد ترڪيه جي فلمي صنعت پاران پاڪستان سان گڏ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪندي چي?? ته ترڪيه ۾ قائم نائيدرلينڊز، ترڪيه ۽ فرانس جي بهترين ڪمپنين فلم پراسيسنگ ليب ۾ ٽيڪنيڪي معاونت فراهم ڪري سگهن ٿا.
مريم اورنگزيب سان ترڪيه جي فلمي صنعت جي نمائندن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ