اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ مل??قات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ ت??او?? جي معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ان دوري سان پاڪ چين دوستي وڌيڪ مضبوط ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ پڻ وڌي آهي. وزير??عظ?? پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران چين جي اڳوڻي صدر جيانگ زيمن جي لاڏاڻي تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو پاڪستان جو اعتم??د جوڳو دوست هو جنهن جي کوٽ کي شدت سان محسوس ڪيو ويندو. وزير??عظ?? ۽ چيني سفير تازي اعليٰ سطحي دوري جي اهم نتيجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مل??قات ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ بيجنگ ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت ۽ ت??او?? جي معاهدن جي بهترين نتيجن جي لاءِ معاهدن تي عملدرآمد جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ويو.
وزيراعظم سان پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2