اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد ملاقات ڪئي ۽ حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو. وفد پاران حڪومت کي توانائي جي بچت جي مختلف قدمن تي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقا?? ۾ ??اڪستان جي موجوده معاشي ۽ ڪاروباري صورتحال ۾ بهتري جي لاءِ مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي 5 رڪني وفد ڪالهه خميس ڏينهن اسلام آباد ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي پاڪستان بزنس ڪائونسل جي چيئرمين م??مد اورنگزيب ڪئي. وفد حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪندي وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته پاڪستان بزنس ڪائونسل ملڪي ??عيشت جي مڪمل ??حا??ي جي لاءِ حڪومت سان گڏ بيٺل آهي. وفد معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ مفيد تجويزون ڏنيون، جن جي آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي مجرماڻي غفلت سان گذريل 4 سالن دوران ملڪي ??عيشت جي ناقابل تلافي نقصان پهتو. جڏهن اسان جي اتحادي حڪومت قومي خدمت جي جذبي تحت ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي ??عيشت تباهي جي ڪناري تي بيٺل هئي، اسان هر شعبي ۾ ڀرپور محنت ۽ لڳن سان ڪم جي شروعات ڪئي ۽ ملڪي ??عيشت کي تباهي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ جو ذمو کنيو. وزيراعظم حڪومت جي ان عزم کي به ورجايو ته اها هر حال ۾ ڪاروباري طبقي جي تعاون ۽ عوام جي حمايت سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آڻيندي. ملاقا?? ۾ ??اڻي واري وفاقي وزير م??مد اسحاق ڊار، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، اقتصادي معاملن ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص معاونين طارق باجوه، ڊاڪٽر جهانزيب خان، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد، ايف بي آر جي چيئرمين عاصم ا??مد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي نمائنده وفد جي ملاقات، حڪومت جي معاشي پاليسين تي اعتماد جو اظهار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں