اسلام آباد – 07 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اعلان موجب پاڪستان جي پهرين ريسڪيو ۽ ريليف ٽيمون ترڪيءَ پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب پاڪ فوج جي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو (يو ايس اي آر) جي 33 رڪني دستي تي ٻڌل سي 130 اڄ ترڪيءَ جي ش??ر ادانه پهچي ويو آهي. بيان موجب ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي اي ايف اي ڊي سان گڏجي ٽيمن کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ روانو ڪيو پيو ??ڃي. پاڪستان يو ايس اي آر ٽيمون ۽ امدادي سامان جي مقرري سان گڏ پنهنجو بچاءُ ۽ امدادي سرگرميون جاري رکنديون. بيان ۾ چيو ??يو آهي ته پاڪستاني قوم آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ هڪ ڀيرو ٻي??ر پنهنجي ترڪ ڀائرن سان يڪجهت?? جو اظهار ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania