اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پ??ڪستان جي نوجوانن کي پنهنجون توانائيون مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي ??روعات ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پ??ڪستان جي ??بادي جي ??ڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي پر بدقسمتي سان نه رڳو مقامي پر عالمي راندين جي لاءِ سهولتن جي ??ديد کوٽ آهي، ان ڏس ۾ اسان ملڪ جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر ۽ اسپورٽس انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪيو آهي. ان کانسواءِ باصلاحيت ۽ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن جي ??وصلا افزائي، عالمي مقابلن جي لاءِ راندين جي ??ربيت ۽ ٻين قدمن سان سڄي ملڪ ۾ راندين جو فروغ يقيني بڻايو ويندو. تاريخ گواهه آهي ته پ??ڪستان جي ??اصلاحيت نوجوانن کي جڏهن به موقعو ڏنو ويو انهن سڄي دنيا ۾ سبز هلالي جهنڊي کي پنهنجي ??هتر ڪارڪردگي سان بلند ڪيو. مون کي اهو به ادراڪ آهي ته قدم ناڪافي آهن پر اها هڪ سٺي شروعات آهي، مون کي پوري اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن قدمن جو تسلسل قائم رکندي.
راندين جي فروغ ۽ عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ يوٿ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II