اسلام آباد-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته باجوڙ ۾ جي يو آءِ (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي، سياسي پارٽين تي حملي مان واضح آهي ته دشمن پاڪستان ?? جمهوري نظام خلاف آهن جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. ذميوارن جي نشاندهي ڪري انهن کي قانون مطابق سخت کان سخت سزا ڏني ويندي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ اسان جا محافظ دشمن جي اهڙين بزدلاڻي هٿڪنڊن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. مون سميت پوري قوم واقعي ۾ شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. وزيراعظم چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ۾ نه صرف مان ان سان تعزيت ڪئي پر واقعي جي تفصيلن بابت ڄاڻ ورتي، مان وڏي وزير، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سان به ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ واقعي تي رپورٽ سان گڏوگڏ زخمين کي بهترين طبي سهولتون ۽ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپتال پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
جميعت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل ڌماڪي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر