اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چ??و آهي ته پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي ره??و آهي جڏهن ته اولهه چ??ن کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن ج?? جنون ۾ مبتلا آهي، پاڪستان چ??ن کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڏنو هو، هن چيو ته پاڪستان يوڪرين سان روس ج?? جنگ تي ”غيرجانبد??ر“ آهي ۽ چ??ن کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته اها سرد جنگ نه آهي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آهي، اهو ايترو مبهم نه آهي، هر ڪو ڏسي ره??و آهي ته ڇا ٿي ره??و آهي. هن چيو ته اولهه چ??ن کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن ج?? جنون ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي راهه تي گامزن آه?? جنهن جي چونڊ اولهه، روس ۽ چين جي وچ ?? چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين جي وڌندڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. هن چيو ته سوويت يونين جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو ساٿ ڏئي پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان سان اولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪ??و آهي، هر قوم پنهنجي لاءِ… اسان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌيڪ ملڪن جي اثرن جي وچ ۾ آهي ۽ پاڪستان انهن ملڪن مان رڳو هڪ آهي، يوڪرين بابت پاڪستان جي ”غيرجانبد??ر“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري ره??و آهي ۽ گڏ ئي اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري ره??و آهي ۽ اسان ان کي ٻنهي طريقن سان ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پاڪستان پاران يوڪرين ۾ جنگي سامان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ميڊيا رپورٽ ۾ الزامن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذريعي به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي سان نگران وزيراعظم مبينا زيادتين جي ترديد ڪئي ۽ پاڪستان جي قدمن جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙن جي آمريڪا ۾ گرفتارين سان ڪئي. هن چيو ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواين تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو شخص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آهي، اهو ان قسم جو طرزعمل نه آه?? جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذريعي فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ان جي تائيد ٿئي ٿي، ته پوءِ پاڪستان کان اها اميد ڇو ڪئي پئي وڃي ته اسان اهڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.
پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ