بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ ??ورم ۾ شرڪت ڪئي ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ نگران وزيراعظم معصوم فل??طينين جي خلاف غاصب اسرائيل جا جنگي ڏوهه روڪڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي قوتن کان فوري طور تي اسرائيل پاران معصوم فل??طينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان غزه ۾ جاري اسرائيلي جارحي?? جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نگران وزيراعظم اسرائيل پاران غزه اسپتال تي حملي ۽ هڪ ئي ڏينهن حملن جي نتيجي ۾ 500 فل??طينين جي شهادت کي انسانيت سوز ۽ انساني حقن جي شديد خلاف ورزي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم معصوم فل??طينين تي اسرائيلي حملن جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ فوري جنگبندي سان گڏوگڏ متاثرين تائين امداد جي فراهمي تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم معصوم فل??طينين جي خلاف غاصب اسرائيل جا جنگي ڏوهه روڪڻ جي لاءِ گڏيل قومن ۽ عالمي قوتن کان فوري طور تي اسرائيل پاران معصوم فل??طينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي بيجنگ ۾ ٿيندڙ ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت، عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن ۾ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي قتلام کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena