اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) بينظير ان??م سپورٽ پروگرام جي چيئر پرسن سينيٽر روبينه خالد بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ??ري?? چيئرمين بل گيٽس سان ??لاقات ڪئي. ملاقات دوران ??ستحق عورتن کي معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۽ اسڪل ڊولپمينٽ ذريعي غربت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽر روبينه خالد بينظير ان??م سپورٽ پروگرام جي مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن چيو ته عورتن کي مجموعي طور تي بااختيار بڻائڻ لاءِ معاشي بااختياري ضروري آهي، مالي خودمختياري عورتن جي آزادي ۽ ڪاميابي جي دليل آهي، مستحقن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جي اولين ترجيح آهي ۽ بينظير ان??م سپورٽ پروگرام ان ??قصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي. بحٿ ۾ اهم اڳڀرائي مان ??ڪ ٽه ماهي وظيفن جي ورهاست ۾ شفافيت کي وڌائڻ لاءِ ڊجيٽل نظام جي شروعات هئي. ان ??ظام جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته فائدو کڻندڙ صارفين پننهنجي ادائگيون فوري ۽ محفوظ طريقي سان حاصل ڪن. اهڙي طرح پروگرام جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. بل گيٽس بينظير ان??م سپورٽ پروگرام جي قدمن ۽ ڪارڪردگي کي ساراهيندي ان کي ضرورتمندن لاءِ هڪ بهترين فلاحي پروگرام قرار ڏنو. هن ان ??روگرام لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ پٺتي پيل طبقن لاءِ غذائي تحفظ ۾ واڌ ڪرڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو. بل گيٽس چيو ته بينظير ان??م سپورٽ پروگرام طرفان غذائيت جي گهٽتائي ۽ غذائي تحفظ جهڙن اهم مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ نمايان اڳڀرائي جي تعريف ڪيان ??و. چيئر پرسن روبينه خالد بل گيٽس جي بينظير ان??م سپورٽ پروگرام جي منصوبن ۾ مسلسل سهڪار تي شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته اسان بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي سهڪار ل??ءِ دل جي گهرائين سان شڪر ادا ڪيون ٿا، جيڪو اسان جي معاشري جي سڀ کان ??ڌيڪ مستحق طبقي کي بااختيار بڻائڻ جي اسان جي ڪوششن کي هٿي ڏئي ٿو.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد جي بل گيٽس ملاقات غربت جي خاتمي جي قدمن تي ڳالهيون
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina