اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جي صد?? الهام عليوف جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. هٿياربند فوج جي دستي مهمان صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي آيل آذربائيجان جي صد?? الهام عليوف جي اعزاز ۾ وزيراعظم هائوس ۾ با??ابطا آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم هائوس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. وزيراعظم شهباز شريف معزز مهمان کي پاڻ سان گڏ سلامي جي ڇپري ڏانهن وٺي ويو جتي پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوج جي دستن کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آذربائيجان جي صدر پريڊ جو معائنو ??يو. وزيراعظم وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان مهمان صدر جو تعارف ڪرايو. جڏهن ته آذربائيجان جي صدر ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان پنهنجي وفد جي ميمبرن جو تعارف ڪرايو.
آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج