اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ت?? ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آڪسفورڊ يون??ن سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسرار خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يون??ن سوسائٽي جو صدر چون??جڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچستان مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يونين جو صدر چون??جڻ وڏو اعزاز آ??ي. ??در چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي عورت صدر هئي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ت?? ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا، اسرار خان جي آڪسفورڊ يونين جي صدر چون??جڻ سان ٻين نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته اسرار خان مستقبل ۾ پڻ پنهنجي ڪامياب??ن سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.
پاڪستاني نوجوان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر