لنڊن-08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر ??حم?? اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪس??ان هائوس ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ??حم?? فيصل طرفان ڏنل رات جي ماني جي دعوت ۾ پاڪس??ان ڄاون برطانوي پارليامينٽينرينز سان تفصيلي ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي. دعوت ۾ هائوس آف ڪامنز جي ڊپٽي اسپيڪر نصرت غني، ياسمين قريشي (ايم پي)، لارڊ قربان حسين، نوشين مبارڪ، لارڊ ضمير چوڌري، سعيده وارثي، شائسته گوهر، ??حم?? افضل خان (ايم پي)، نسيم شاهه (ايم پي)، عمران حسين (ايم پي)، طاهر علي (ايم پي)، زبير احمد (ايم پي)، عدنان حسين (ايم پي)، ??حم?? ياسين (ايم پي) ۽ ايوب خان (ايم پي) شرڪت ڪئي. پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ نائب وزيراعظم نَون چونڊيل برطانوي پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪ ڏني ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪس??ان ۽ برطانيه جا لاڳاپا تاريخ، ثقافت، امن، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل اُمنگن جي مضبوط رابطن تي قائم آهن. تازين چونڊن ۾ پاڪس??ان سان تعلق رکندڙ 15 ميمبر برطانوي پارليامينٽ جي لاءِ چونڊيا ويا جيڪا برطانوي جمهوريت جي مضبوطي ۽ پاڪس??ان ڄاون برطانوي شهرين جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. هن پارليامينٽ جي ميمبرن کي پاڪس??ان جي معاشي بحاليءَ لاءِ پنهنجي حڪومت جي روڊ ميپ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين اڳوڻي وزيراعظم ??حم?? نواز شريف جي حڪومت دوران پاڪس??ان دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻجي ويو هو ۽ ان جو جي-20 ميمبر بڻجڻ جو ام??ان هو، دهشتگرديءَ جهڙي لعنت تي پڻ ضابطو آندو ويو هو، پر 2018ع ۾ شروع ٿيل سياسي عدم استحڪام پاڪس??ان جي اقتصادي رفتار کي پٽڙيءَ ??ان لاهي ڇڏيو هو. جڏهن ته گذريل حڪومت جي تحريڪ طالبان جهڙن انتهاپسند گروهن کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي بحاليءَ جي پاليسي ۽ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد ڏوهارين جي آزادي، دهشتگرديءَ جي بحاليءَ جو سبب بڻي. هن چيو ته حڪومت ڪنهن به اندروني يا پرڏيهي عنصرن کي جيڪي سياسي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي اِرادي سان پاڪس??ان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي سفر کي راهه ??ان لاهڻ چاهن ٿا، انهن کي هرگز اها اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته جن ماڻهن رياستي اد??رن تي حملو ڪيو ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي فورمز کي استعمال ڪيو آهي انهن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي. نائب وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت پاڪستان کي اقتصادي ترقيءَ جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. هاڻوڪي حڪومت جي مشڪل ۽ سياسي طور تي غير مقبول قدمن جا ثمر اچڻ شروع ٿيا آهن، مهانگائيءَ کي سنگل ڊجٽس تائين گهٽ ڪيو ويو هو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مستحڪم ڪرنسي سان ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. معاشي سڌ??رن لاءِ هر پاسي کان اد??رن جي سطح تي حمايت موجود آهي ۽ حڪومت طرفان گذريل سال قائم ڪيل خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪس??ان جي توانائي، کاڻيون کوٽڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪ??رن جي نمايان دلچسپي ڇڪرائي رهي آهي. ڊپٽي وزيراعظم پارليامينٽ ميمبرن کان تجويزون طلب ڪيون ته حڪومت ڪهڙيءَ طرح پاڪس??ان ۾ سڌيءَ ريت برطانوي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪري سگهي ٿي ۽ ٻه طرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪس??ان اچڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ هڪ نئين ويزا فري پاليسي متعارف ڪرائي آهي. نائب وزيراعظم هندس??ان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلمن جو معاملو اُٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽرينز جو ٿورو مڃيو.
رياستي ادارن تي حملا ڪندڙ ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي فورمز کي استعمال ڪندڙن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب