اسلام آباد-23 سيپٽمبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس 25 سيپٽمبر تي وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آ??اد ۾ ٿيندي. رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال خاص مهمان هوندو، جڏهن ته ملڪي ۽ پرڏيهي ماهر خطاب ڪندا. تفصيل موجب ٿنڪ ٽينڪ پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪانفلڪٽ اينڊ سيڪيورٽي اسٽيڊيز (پڪس) بحريه يونيورسٽي جي گڏيل طور تي دهشتگردي جي خاتمي جي موضوع تي بحريه يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جو بندوبست ڪري رهيو آهي. ان ڪانفرنس جو مقصد دهشتگرد جي خاتمي جي حوالي سان پاڪستان هاڻي تائين ڪاميابين ۽ درپيش مسئلن تي بحث ڪندي عمل جوڳيون پاليسيون تجويز ڪرڻ آهي. ڪانفرنس جو ??فت??اح وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو. جڏهن ته پاڪستاني ۽ پرڏيهي نمائندا مقالا پيش ڪندا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے