دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ زراعت، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت سميت فروغ حاصل ڪندڙ اقتصادي ??عبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا دستياب آهن، حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ ثقافتي مٽاسٽا سميت ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم پاڪستان جي اقتصادي ??رقي ۾ قطر جي تعاون کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ مسلسل حمايت تي ٿورا مڃيا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ع??م جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ع??م جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم قطر ۾ موجود پاڪستانين جي ميزباني تي قطر جي حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هتي رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان??ن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرامن حل ۽ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه تڪرار تي قطر جي اصولي موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ان جي مسلسل ڪوششن کي به ساراهيو. هن تڪرار جي حل ۽ غزه جي عوام جي مصيبتن کي ??هٽ ڪرڻ جي لاءِ قطر جي انساني همدرديءَ جي قدمن ۽ سفارتي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي فروغ جي لاءِ قطر جي اهميت کي تسليم ڪندي ڳالهه ٻولهه جي سهولتڪار ۽ علائقائي تڪرارن جي منصفاڻي حل جي لاءِ قطر جي ڪردار کي ساراهيو. ان موقعي تي قطر جي وزيراعظم شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني خطي ۾ پاڪستان جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪندي ??قتصادي ??رقي ۽ علائقائي استحڪام جي قطر جي ويزن موجب پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ع??م جو اظهار ڪيو. قطر جي وزيراعظم افغانستان سميت خطي ۾ امن امان جي فروغ جي لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ع??م جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ترقي جي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم شهباز شريف قطري سيڙپڪارن کي پاڪستان جي متنوع اقتصادي ??عبن جنهن ۾ زراعت، ان??ارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن غيرملڪي سيڙپڪارن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي ع??م ۽ حڪمت عملي بابت قطر جي وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير ۽ وزيراعظم شيخ محمد ع??دالرحمان الثاني پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سندس هي دورو پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي، گڏيل احترام ۽ تعاون جي مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائيندو.
پاڪستان ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت سميت فروغ حاصل ڪندڙ اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا پرڪشش موقعا دستياب آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار