لاهور-03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿ?? ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي بهترين سهول??ون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم ??حمد شهباز شريف برطانيه جي بااثر ۽ مشهور ڪاروباري شخصيتن تي ٻڌل وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ آچر ڏينهن لاهور ۾ وزيراعظم ??حمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانيه جون نامياريون ڪاروباري شخصي??ون شامل هيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان تازو ئي ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي آهي جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي. وزيراعظم ??فد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏني. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان تعاون جون نيون راه??ن ڳولهڻ تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ تي وزيراعظم جي معاشي پاليسين جي واکاڻ ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.
ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ اولين ترجيح آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی