شڪاگو _16 آڪٽوبر (اي پي پي ) آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ هڪ آمريڪي شهري پنهنجي ڪرائي دار 6 سالن جي فلسطيني ٻار کي فوجي طرز جي خنجر سان ڪيترائي وار ڪندي نهايت بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ماءِ پنهنجي ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ شديد زخمي ٿي پئي . آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق 71 سالن جي جوزف زوبا نالي شخ?? اسرائيل حماس جي جنگ جي رد عمل ۾ 6 سالن جي فلسطيني ٻار وديعه الفيوم تي ??وجي طرز جي 7 انچ واري تيز خنجر جا 26 وار ڪيا جنهن سبب هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو . ان حملي ۾ سندس 32 سالن جي ماءِ حنان شاهين شديد زخمي ٿي پئي . ايسو سي ايٽيڊ پريس مطابق شڪاگو پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته شڪاگو کان اٽڪل 64 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ پلين فيلڊ ٽا?? شپ ۾ زخمي عورت جي ايمرجنسي سروس 911 تي شڪايت تي 71 سالن جي شخ?? کي گرفتار ڪيو ويو آهي .
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین