بيروت _23 سيپٽمبر (اي پي پي ) لبنان جي و??يراعظم چيو آه?? ته هو اسرائيل سان جن?? کي روڪڻ ۽ ڇڪتاڻ ک??ن بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سمورن ??حاذن تي جنگبندي جي حمايت ڪريون ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان جي و??يراعظم نجيب ميقاتي گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چيو ته سندس حڪومت لبنان جي ڌرتي تي رياستي اختيار کي وڌائڻ چاهي ٿي. هن غزه ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته هو سمورن ??حاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪري ٿو. هن زور ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان هڪ وسيع علائقائي جنگ جي خدشن واري تڪرار جو پرامن سفارتي حل ڳولي رهيو آهي. هن ان اميد ظاهر ڪئ?? ته معاملا وڌيڪ خراب نه ٿيندا. هن چيو ته پيجر ڌماڪن سبب زخمي ٿيل 1600 کان وڌيڪ ماڻهو اڃ??ن به اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي اسرائيل جي فوج جي چيف آف اسٽاف هرزي هيليوي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ حزب الله تي وڌيڪ حملا ڪرڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آه?? ته فوج وٽ اهڙيون صلاحيتون آهن جيڪي اڃان تائين استعمال ناهن ڪيون ويون. هن واضح ڪيو ته اسرائيل جي فوج هر قسم جي حملي ۽ دفاع جي ايندڙ مرحلي لاءِ ڀرپور نموني تيار آهي.
سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪريُون ٿا: لبنان جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ