اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد نواز شريف آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ جي ٽرمپ کي صدارتي چونڊن 2016ع ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هو ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ لاءِ ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند ??هي?? جڏهن ته پاڪستان آمريڪا سان ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نئين چونڊيل آمريڪي صدر جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پنهنجي پاران ڊونلڊ ٽرمپ ۽ آمريڪا جي عوام کي آمريڪا جي 45 هين صدر جي حيثيت سان ان جي چ??نڊ تي پرخلوص مبارڪباد ڏني
مضمون کا ماخذ : گرم گرم