اسلام آباد – پهرين نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته سموريون پاليسيون پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري ۽ مفادن کي نظر ۾ رکي جوڙيون وينديون، ٻاهرئين طاقتن جي مفادن تحت پاليسيون نه ٺهنديون، آمريڪا سان لاڳاپن جو وڌيڪ خوشگوار هجڻ جي خوشفهمي ۾ مبتلا نه آهيون، آمريڪا کي ضروري پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، اسان پنهنجي مفادن کي 100 س??ڪڙ?? ترجيح ڏينداسين، باقي سين جي اهميت ثانوي هوندي، پ??ڪستان کي قصوروار قرار ڏ??ڻ آمريڪي ناڪامين تي ??ڙدو وجهڻ جي ڪوشش آهي. سينيٽ ۾ آمريڪي سيڪريٽريٽ آف اسٽيٽ جي دوري تي بحث سهيڙيندي پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف چيو ته آمريڪي سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي بيان ۽ تازي دوري جي حوالي سان سينيٽ ۾ اهم بحث ٿيو آهي. جن ميمبرن تجويزون ڏنيون انهن جو ٿورائتو آهيان.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس