ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته شهري علائقن ۾ ڪورونا جو ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي، 79 سيڪڙو آبادي ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ دستياب آڪسيجن جو 90 سيڪڙو حصو استعمال ٿي رهيو آهي، هڪ هفتي ۾ صورتحال بهتر نه ٿي ته ??ڪمل لاڪ ڊائون جو سوچڻو پوندو?? اسپتالن ۾ ڪورونا مريضن ??ي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، روزانو 600 کان 700 ڪورونا مريض اچي رهيا آهن، پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري صورتحال سنگين ٿي چڪي آهي، اتي آڪسيجن جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي، ان مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي عوام ڀارتي عوام سان گڏ بيٺل آهي، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڀارت جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطا?? ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔