راولپنڊي-12 اپريل (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ڪمانڊورز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي پيشوراڻي معاملن، قومي سلامتي جي درپيش چئلينجز ۽ روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي مُنهن ڏين لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏين لاءِ فارميشنز جي آپريشنل تيارين ۽ ردعمل جي طريقيڪار تي اطمينان جو ??ظه??ر ڪيو. فورم سرحدن جي حف??ظت ۽ عوام جي حف??ظت کي يقيني بنائڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. فورم ڪجهه حلقن طرفان پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ۽ اداري ۽ معاشري وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي تازي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس ورتو ۽ قرار ڏنو ته پاڪستان جي قومي سلامتي مقدم آهي، پاڪ فوج ان جي حف??ظت لاءِ ڪنهن به س??جه??تي کانسواءِ هميشه رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ رهندي. فارميشن ڪمانڊرز آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جي عسڪري قيادت جي فيصلن تي ڀرپور ۽ مڪمل اعتماد جو ??ظه??ر ڪيو. پاڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ هر ط??ح جي حالتن ۾ سڀني اندروني ۽ ٻاهرين خطرن خلاف پاڪستان ج?? علائقائي سالميت ۽ خودمختياريءَ جو دفاع جاري رکندي.
آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ڪمانڊورز ڪانفرنس منعقد
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔