اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم ش??خ خالد بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏ??ي آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيراعظم ش??باز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم ش??باز شريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو ??يمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي قائم آهي. وزيراعظم ش??باز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمند آهيون. وزيراعظم ش??باز شريف قطر جي پنهنجي هم منصب جو ??يڪ خواهشن تي جوابي خيرسگالي جي جذبن سان ٿورا پڻ مڃيا.
مضمون کا ماخذ : کڑک