اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم او??نگ??يب معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڳنڀير مسئلن جي ڌٻڻ ۾ عمران خان ڌڪيو، اڄ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ذميداري عمران خان تي آهي، ڊالر 193 روپين تي عمران خان جي ڪري ويو، آءِ ايم ايف معاهدي تي عمران خان صحيحون ڪيون جنهن جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير مريم او??نگ??يب چيو ته ملڪ ۾ چار سال نالائقن، نااهلن، ڪارٽلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت جي ڪري معاشي دهشت??رد?? ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خان جي ڪري آهي، پيٽرول جي مد ۾ عمران خان پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ ل??ءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو جيڪو اڄ عوام کي ڀوڳ??و پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ا?? جو ذميدار عمران خان آهي، پنهنجي عوام دشمن معاشي ڏوهن کي لڪائڻ ل??ءِ عمران خان ڪنٽينر تي چڙهيل آهي. مريم او??نگ??يب چيو ته عمران خان صاحب سياسي مقصدن ل??ءِ ملڪ جي معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائڻ غداري هوندو آهي، توهان عوام کي مهانگائي ڏني، هاڻي سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو شور مچائي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ۽ معاشي تباهي جو حساب ڏيو.
معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد