گلگت – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪردو گرلز ??اءِ اسڪول قائد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جي فراهمي جي لاءِ شروع ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح ڪيو. ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ رقم جا چيڪس ورهايا. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندي چيو ته گلگت بلتستان حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي درپيش سفري مشڪ??ات?? کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ انقلابي منصوبو شروع ڪيو آهي. عملي زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ صحيح فيصلاسازي لازمي آهي جيڪا تعليم کانسواءِ ممڪن نه آهي، دنيا جي جديد تحقيق ثابت ڪيو آهي ته ٻارن جي تعليم پوري خاندان جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ۾ تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ وسيلا فراهم نه ڪرڻ جا تمام گهڻا نقصان ٿيا آهن، مون کي اميد آهي ته گلگت بلتستان حڪومت ڪج??ه سالن ۾ هر ٻار جي تعليم کي يقيني بڻائيندي. اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم سان گڏ تربيت تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن پوري دنيا ۾ گلگتبلتستان ۽ پاڪستان جو منفرد مقام برقرار رهي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي صوبائي حڪومت جي فيصلي موجب گرلز ??اءِ اسڪول قائد آباد کي هايئر سيڪنڊري جو درجو ڏيڻ جو اعلان ڪيو. گلگت بلتستان جي ??ڏي وزير خالد خورشيد ان موقعي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين ۾ درپيش سفري مشڪ??ات?? جي حل لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن تحت 2 ڪلو ميٽر پري کان اسڪول ايندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين کي اهو وظيفو ڏنو ويندو.
صدر پاران اسڪردو گرلز هاءِ اسڪول قائد آباد ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن لاءِ ٽرانسپورٽيشن وظيفي لاءِ شروع ڪيل منصوبي جو باقاعده افتتاح
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج