اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پاڪستان پ??پل??پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پ??پل??پارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ايماندار چ??ندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کان راهه فرار اختيار ڪري رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان ٻاهرين محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪري ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص کي بهتر بڻائڻ جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي ک??س خبر پ??جي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي رد ڪري پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪست??ن کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی