نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي اڄ اربع ڏينهن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر، و??لڊ بئنڪ گروپ جي صدر ۽ ٻين غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ٻئي ڏينهن به مصروف ڏينهن گذاريندو. گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز روانگي کان اڳ وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا ۽ و??لڊ بئنڪ گروپ جو صدر ڊيوڊ مالپس ملاقات ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اعليٰ سطحي مباحثي ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ ک??ن متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين جو جائزو وٺڻ لاءِ زوم ميٽنگ جي به صدارت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي صدر سابا ڪوروسي ۽ يورپي يونين جي صدر ارسالا وين ڊرلي اين سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم م??ر پاران 27 هين سي او پي جي حوا??ي سان ٿيندڙ سربراهن جي بند ڪمري اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فن لينڊ جي صدر سعولي ننسطو سان ٻطرفن معاملن تي ملاقات ڪندو. شام جو وزيراعظم آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي حوا??ي سان ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آمريڪن نيچرل هسٽري ميوزيم ويندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف اربع تي مختلف غيرملڪي شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا حساب