اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي ??ڻي??دڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 129 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پ??ڪستان پهتيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فران?? مان هڪ، يونيسيف جون ٽي، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات جي هلائي ويندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطاني?? جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، يونان ۽ اٽلي جي هڪ، هڪ ۽ سعودي عرب جون 9 اڏامون امدادي سامان کڻي پ??ڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ايران مان 100 ٽن امدادي سامان ٽرڪن ذريعي پ??ڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات مان امدادي سامان کڻي هڪ سامونڊي جهاز پڻ ڪراچي پهتو آهي.
ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، مختلف ملڪن مان 129 اڏامون سامان کڻي پاڪستان پهچي چُڪيُون
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ