استنبول – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر م??ڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحال?? جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ هاڃيڪار گئس?? جي اخراج ۾ گهٽتائي، ونڊ، سولر ۽ پاڻي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻين شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار استنبول شپ يارڊ تي پاڪ بحريه جي لاءِ چار م??جم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ٻئي گهر ترڪيه جو دورو ڪرڻ تي کيس خوشي ٿي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپا ۽ ڀائيچار?? جي ڏس ۾ هي عظيم ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جي تقريب ڏسي کيس 1920ع جون حالتون ياد اچن ٿيون جڏهن اسان جا ترڪ ڀينر ڀائر آزاد?? جي جنگ وڙهي رهيا هئا ۽ ننڍي کنڊ جا مسلمان پنهنجي ترڪ ڀينرن ڀائر?? جي لاءِ آزاد?? جي ان عظيم جدوجهد جي لاءِ تحريڪ خلافت شروع ڪري رهيا هئا، ننڍي کن?? جي مائرن ۽ ڀينرن پنهنجون چوڙيون، دڪاندارن، آبادگارن ۽ شاگردن چندو گڏ ڪري پنهنجي ترڪ ڀائر?? جي عظيم جنگ جي لاءِ مدد فراهم ڪئي، اسان جا ابا ڏاڏا ڄاڻيندا هئا ته جيڪا به ڪوشش هو ڪري رهيا آهن، ترڪ قوم نه رڳو اها ياد رکندي پر ترڪيه پاڪستان سان مشڪل وقت ۾ به بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته ترڪيه سدائين ٻوڏ، زلزلي ۽ آفت جي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، ترڪيه پاڪستان کي ريسڪيو ڪرڻ ۾ نه هٻڪيو، ننڍي کن?? جي مسلمانن ترڪيه جي عوام جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو اڄ ترڪيه جي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ڪاليجز ۾ نصاب جو حصو آهي. وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوا?? جي دانشمنداڻي قيادت کي ساراهيو ۽ چيو ته ا?? جي ويزن ۽ قيادت ترڪيه کي جديد معاشرو بڻايو آهي. وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردوا?? جي سماجي ڀلائ?? جي منصوب?? جي ڪري ترڪيه جي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهن کي صحت، تعليم، روزگار ۽ زراعت جون سهولتون ۽ صنعتي ترقي جا ثمر م??ي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان پاڪستان نيو?? جي لاءِ ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئين جهاز پي اين ايس خيبر جي افتتاحي تقريب ۾ شريڪ آهيون، پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استڪام جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپا ۽ حصيداري جارحيت نه پر دفاع جي لاءِ آهي، امن سان رهڻ جي لاءِ جنگ جي لاءِ تيار ٿيڻ ضروري آهي. هن چيو ته هن منصوبي ۾ ٻنهي ملڪ?? جي نيول آفيسرز ۽ ورڪرن ٻنهي ملڪ?? جي پيداواري صلاحيتن ۾ اضاف?? جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ دنيا کي تڪرار درپيش آهن، يوڪري?? جي جنگ عالمي برادر?? جي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، يوڪري?? جي جنگ ۾ ترڪيه جي صدر جيڪا دانشمنداڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ساراهه جوڳي آهي، هن جنگ جي ڪري پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن کي سنجيده مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، پيٽرول، کاڄرو تيل ۽ خوراڪ جو اسان جو درآمدي بل 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، انهي ڏس ۾ اسان شمسي توانائي، هوا ۽ پاڻي سان بجلي پيداوار جهڙن منصوبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترڪيه ان شعبي ۾ صلاحيت رکي ٿو، ترڪيه جا سيڙپڪار ان شعبي ۾ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، ترڪيه جا سيڙپڪار اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي گڏجي ماحول دوست قدمن ۽ مضر گئس?? جي اخراج ۾ گهٽتائ?? جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ ٻنهي ملڪن کي انهن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اها ڳالهه به خوش آئنده آهي ته ٻئي ملڪ ونڊ، سولر ۽ پاڻي سان مالامال آهن، انهن شعبن ۾ ٻئي ڀائر م??ڪ تعاون ڪري سگهن ٿا جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه ٻئي عظيم ملڪ آهن، اسا?? جي دل گڏ ڌڙڪي ٿي، واپار ۽ سيڙپڪار?? جي شعبي ۾ وسيع تر صلاحيت موجود آهي، رجب طيب اردوا?? جي قيادت ۾ انهن لاڳاپن ۾وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته تازو ئي جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته ترڪيه هڪ ڀيرو ٻيهر فرنٽ لائين تي رهيو، انهي رات صدر رجب طيب اردوان مون کي فون ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه پاڪستا?? جي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ترڪيه انساني همدرد?? جي بنياد تي 13 ٽرينون روانو ڪيون، 15 فوجي جهازن خوراڪ، خيما ۽ دوائون پهچايون، ترڪيه مان 6 ٽرڪ پاڪستان آيا، سنڌ ۾ رجب طيب اردوان سٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، رڳو هڪ ڀاءُ ۽ خاندان جو هڪ شخص ائين ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جڏهن 2010ع ۾ پنجاب ۾ ٻوڏ آئي ته رجب طيب اردوان پنهنجي گهرواريءَ ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پاڻ پاڪستا?? جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪيو، نه رڳو ترڪيه جي حڪومت پر استنبول ۽ انقره جي شهرين چندو گڏ ڪيو، ترڪيه جي صدر جي گهرواريءَ پنهنجي هار جو تحفو ڏنوجيڪو هن ڀائيچاري جو عظيم مظهر هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن جن کي ڪير به ڪمزور نه ٿو ڪري سگهي، ٻئي ڀائر م??ڪ گڏجي ترقي ۽ خوشحال?? جي منزل طرف وڃي سگهن ٿا. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پنهنجي گهر اچڻ تي هو وزيراعظم جي آجيان ڪري ٿو. هن چيو ته اڄ هڪ اهم منصبي جو افتتاح ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستاني ڀينر ڀائر سدائين ترڪيه سان گڏ رهيا آهن، ترڪيه جي عوام جي دلين ۾ پاڪستان ۽ پاڪستاني?? جي لاءِ خصوصي مقام آهي، پاڪستان ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهي ترڪيه جي عوام کي ڏکويل ڪيو، اسان پنهنجي صلاحيت موجب پنهنجي پاڪستاني ڀينرن ڀائر?? جي امداد ڪئي. رجب طيب اردوان چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان دهشتگرد?? جي خلاف جنگ ۾ مصروف رهيو آهي، اسان کي پاڪستاني ڀينرن ڀائر?? جي مشڪلات?? جي چڱي ريت ڄاڻ آهي، اسان دهشتگرد?? جي خطر?? جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ٻئي ملڪ دهشتگرد?? جي خلاف متحد آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي دفاعي تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻطرفو دفاعي تعاون ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ لاڳاپن جو ٿنڀ آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي ۽ دهشتگرد تنظيم?? جي خلاف گڏجي ڪم ڪندا، دهشتگرد?? جي خلاف اسا?? جي زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي. استنبول ۾ دهشتگرد?? جي تازي واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته دهشتگرد?? جي حملن ۾ فوت ٿيندڙن کي انصاف ڏيڻ اسا?? جي ذميواري آهي، داعش جي خلاف اسان جنگ وڙهي آهي، اسان دهشتگردن ۽ انه?? جي سرپرست?? جي خلاف جنگ ۾ پرعزم آهيون. هن چيو ته ترڪيه پنهنجي سرحدن تائين مخصوص نه آهي پر پنهنجي سرحدن کان ٻاهر به پنهنجي ڀينرن ڀائر?? جي مدد ڪري رهيو آهي، پاڪ بحريه جي لاءِ ملجم منصوبو انهي سلسل?? جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته 2002ع ۾ ترڪيه وٽ 52 دفاعي پراجيڪٽس هئا جيڪي هاڻي 700 کان وڌيڪ آهن، ان وقت 5.5 ارب ڊالر جي دفاعي پيداوار جي بجيٽ هئ?? جيڪا اڄ 75 ارب ڊالر آهي. هن چيو ته هن سال پاڪستان سان ٻطرفو واپار 4 ارب ڊالر کان وڌي ويندو، پاڪستان ۽ ترڪيه انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آه?? جيڪي جنگي جهاز ٺاهي سگهن ٿا، اسان پنهنجي پاڪستان جهڙن ڀائرن ۽ اتحادين سان گڏجي پنهنجي دفاعي صنعت کي ترقي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته دفاعي پيداوار جي صنعت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو، ڪارويٽ ملجم انهي سلسل?? جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان سان دفاعي پيداوار سميت سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، پاڪستان نيو?? جي لاءِ ملجم منصوبو اسا?? جي لاءِ مشعل راهه آهي، ان منصوبي کي حقيقت جو روپ ڏيندڙ انجنيئرز ۽ ماهرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو. پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد خان نيازي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اها اعزاز ۽ فخر جي ڳالهه آهي ته پاڪ نيو?? جي لاءِ جديد ترين جهاز جو افتتاح ٿي رهيو آهي، اهو هڪ اهم سنگ ميل آهي جنهن تي هو ترڪيه جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي اعليٰ قيادت جي موجودگي سان پاڪ ترڪيه ويجهن لاڳاپ?? جي عڪاسي ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه جا خصوصي تاريخي لاڳاپا آه?? جيڪي وقت جي آزمائش تي پورا لٿا آهن، ا?? جي عڪاسي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ دفاعي تعاون سان به ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان نيو?? جي لاءِ چار م??جم ڪارويٽ جهازن مان ٻه استنبول نيوي شپ يارڊ ۽ ٻه ڪراچي ۾ ٺهي رهيا آهن. پي اين ايس بابر جو آگسٽ 2022ع ۾ استنبول ۾ افتتاح ٿيو جڏهن ته مئي ۾ ٻيو جهاز ڪراچي ۾ مڪمل ٿيو جنه?? جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي دفاع واري وزير شرڪت ڪئي. هن چيو ته ملجم پراجيڪٽ نه رڳو جنگي جهاز آهي پر اهو ٽيڪنالاج?? جي منتقلي جو اهم منصوبو آه?? جيڪو جناح ڪلاس وار شپ جي اڳئين جنريش?? جي هڪ ڪڙيءَ آهي. هن چيو ته اهو ٻنهي ملڪ?? جي سامونڊي فوج جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن جو هڪ بهترين مظهر آهي. پاڪ بحريه جي سربراهه چيو ته پاڪستا?? جي جاگرافيائي بيهڪ ??هم??ت رکندڙ آهي، خطي ۾ پنهنجي سامونڊي حدن ۾ امن ۽ استحڪام اسا?? جي لاءِ ??هم??ت رکندڙ آهي. هن چيو ته هن منصوبي سان پاڪ بحريه جي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو جيڪو عالمي واپار ۽ معيشت جي ترقي کي پڻ يقيني بڻائيندو. دفاعي پيداوار واري وزير اسرار خان ترين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻئي ملجم ڪلاس جهاز جو افتتاح خوش آئنده آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ مضبوط دفاعي تعاو?? جي عڪاسي ٿي رهي آهي، هي منصوبو وقت جي ضرورت آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائيندو. ترڪيه جي دفاعي صنعت صدر اردوا?? جي قيادت ۾ ٻن ڏهاڪن ۾ ترقي ڪئي آهي، ترڪيه جي دفاعي پيداوار جا ڪيترائي ادارا سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، آئيڊياز ۾ 28 ترڪيه دفاعي ڪمپنين شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان کي سلامتي جا چئلينجز درپيش آهن جنهن ۾ نيو?? جي ذميواري تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسان کي يقين آهي ته ملجم جهاز?? جي شموليت سان قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه عقيدي ۽ تهذيبي طور تي هڪ جهڙا آهن، ٻئي ملڪ ڪشمير ۽ قبرص تي هڪ ٻئ?? جي موقف جا حامي آهن، اسان ڪلهو ڪلهي سان ملائي دهشتگردي سميت سمورن خطر?? جي خلاف بيٺل آهيون، ملجم ايڊوانس ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ۾ سنگ ميل ٿابت ٿيندو. ان کان اڳ ترڪ صدر ۽ استنبول جي گورنر شپ يارڊ اچڻ تي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. صدر اردوان وزيراعظم کي تقريب جو بيج لڳايو ۽ وزيراعظم جو ترڪ عملدارن سان تعارف ڪرايو. تقريب جي شروعات تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. واضح رهي ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل ملجم منصوبو پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ان کان اڳ پاڪ بحريه جي لاءِ پهرين ڪارويٽ پي اين ايس بابر جي لانچنگ تقريب آگسٽ 2021ع ۾ استنبول ۾ ٿي جڏهن ته ٻئي جهاز بدر جي پيڙهه جو پٿر مئي 2022ع ۾ ڪراچي ۾ رکيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيد نويد قمر ۽ محمد اسرار ترين پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
پاڪستان ۽ ترڪيه امن ۽ استحڪام جي لاءِ گڏيل لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری