اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي، هو سمجهي ٿو ته ڪير ??ن کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گرفتاري قانون م??جب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي ڪرپشن جا الزام هئا، ان جي گرفتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گرفتاري نيب جي ۽ قانون م??جب هئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان سي??سي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، عمران خ??ن کي گرفتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار نه ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان عمران خ??ن کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خان پنهنجي دور ۾ سي??سي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدالتي حڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئيني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪري. هڪ ٻئي سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت