اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي اقليتن جي مذهبي، سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن جي تحفظ جي لاءِ اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته آئين سمورن شهرين جي مذهبي عقيدي يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ا??هن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ايوان صد?? جي پريس ونگ م??جب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾اقليتن جي ڪردار جو اعتراف ڪريون ٿا ۽ ا??هن کي ان تي ساراهيون ٿا. صد?? اقليتن جي ڏينهن تي قوم جي تعمير جي عمل ۾ اقليتن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلام اسان کي اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ سمورن ماڻهن جي وچ ۾ برابري جو درس ڏي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان اقليتن جي ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪيون آهن، انهن قدمن جو مقصد ملڪ جي سياسي ۽ ا??تصادي ترقي ۾ اقليتن جي فعال شرڪت جي حوصلا افزائي ڪرڻ آهي. صد?? چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ا??هن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو رهندو، مذهبي اسڪالرز ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي معاشري کي اقليتن جي حقن بابت آگاهه ڪن، ملڪ ۾ محبت، رو??داري، ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڪلچر کي فروغ ڏين. صد?? ان يقين جو اظهار ڪيو ته اقليتون قومي ترقي جي عمل ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.
آئين سمورن شهرين جي مذهبي عقيدي يا نسل کان قطعي طور سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ضمانت ڏي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا