اسلام ??با?? – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 39 هين سارڪ چارٽر ڊي تي سارڪ جي ميمبر ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن کي دل جي ??هراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 8 ڊسمبر 1985ع اهو ڏينهن آهي جڏهن ويزن ۽ دورانديشي رکندڙ اڳواڻن سارڪ چارٽر کي اختيار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ گڏجي ??م ڪرڻ جو وچن ڪيو. پر??يه?? آفيس موجب سارڪ چارٽر ڊي ج?? موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ نگران وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن اسان کي ان ذميواري ج?? ياد ڏياري ٿو جيڪا اسان جي ماڻهن غربت، ناخواندگي، بيماري ۽ گهٽ ترقي ج??ڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي ??لهن تي وڌي آهي. هن چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي سارڪ ۾ ڏکڻ ايشيائي خطي ۾ رهندڙ ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگين کي بدلائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ جي بي پناهه صلاحيت آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان سارڪ جي هڪ باني ميمبر ملڪ طور تنظيم جي مقصدن جي لاءِ مسلسل پنهنجي وابستگي ظاهر ??ري ٿو ۽ هن سارڪ جي عمل ۽ سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. هن چيو ته پاڪستان قومي ۽ علائقائي ترقي ج?? لاءِ علائقائي تعاون جي طاقت ۽ صلاحيت تي پختو يقين رکي ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته سارڪ جي ??ارٽر موجب نتيجي تي ٻڌل علائقائي تعاون رڳو خودمختيار برابري ۽ گڏيل احترام جي بنيادي اصولن تي عمل پيرا ٿي حاصل ??ري سگهجي ٿي. هن سارڪ جي عمل ۾ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته تنظيم جا هموار ڪم جي راهه ۾ ايندڙ موجوده رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، اهڙي طرح سارڪ جا ميمبر ملڪ گڏيل طور تي فائديمند علائقائي تعاون جي راهه تي اڳتي وڌڻ جي قابل ٿي ويندا. نگران وزيراعظم تنظيم جي هموار ڪم جي لاءِ سارڪ سيڪريٽريٽ پاران ڪيل ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته آئون ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي لاءِ امن، ترقي ۽ خوشحالي ج?? خواهش ڪريان ٿو. هن چيو ته اچو اسان ڏکڻ ايشيا ۽ باقي دنيا جي فائدي لاءِ پنهنجي خطي ج?? حقيقي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ??م ڪريون.
8 ڊسمبر 1985ع اهو ڏينهن آهي جڏهن ويزن ۽ دورانديشي رکندڙ اڳواڻن سارڪ چارٽر کي اختيار ڪيو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس