اسلام ??با?? – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن سان نه رڳو صارف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي ??با??ي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سعودي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن فنڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي ??رب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي دوستي ۽ صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ تعليم جي شعبن ۾ پاڪست??ن کي مالي امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترقي بابت سعودي فنڊ جي ڪوششن کي ساراهيو. سي اي او، ايس ايف ڊي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي سان گڏوگڏ قومي سول ايوارڊ هلال قائداعظم عطا ڪرڻ تي وزيراعظم ۽ پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هائيڊرو پاور اسٽيشنز جي تعمير جي لاءِ سعودي فنڊ ۽ پاڪستان حڪومت جي وچ ۾ 107 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحن کي پڻ ساراهيو، ان سان نه رڳو صاف توانائي حاصل ٿيندي پر مقامي ??با??ي کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيلن جي واڍيءَ کي روڪڻ ۾ پڻ مدد ملندي. سي اي او سعودي فنڊ وزيراعظم سان جاري منصوبن بشمول مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، گولن گول هائيڊرو پاور پراجيڪٽ، مالاڪنڊ ريجنل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ ۽ سعودي گرانٽس جي ذريعي شروع ڪيل ٻين منصوبن بابت ٻڌايو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي تعاون کي ساراهيندي سعودي فنڊ جي حصيداري واري گرين انرجي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبي ۾ نئين منصوبن جي پروسيسنگ کي تيز ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جنهن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو. سي اي او ايس ايف ڊي گڏيل منصوبن تي جلد اڳڀرائي جي خاطري ڪرائي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ پڻ ڪيو ته سعودي ??رب شاهي خاندان جي قيادت ۾ پاڪست??ن کي هر ممڪن مدد ۽ مسلسل تعاون فراهم ڪندو. وزيراعظم سعودي فنڊ جي سي اي او ۽ وفد جي ميمبرن جا ٿورا مڃيا ۽ شاهي خاندان جي سمورن ميمبرن خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين جي لاءِ نيڪ ??واهشن جو اظهار ڪيو.
ترقي بابت سعودي فنڊ جي حصيداري سان گرين انرجي ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين منصوبن سان اقتصادي بحالي جو سفر تيز ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری