بيجنگ – 15 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وير محمد اسحاق ڊار ??يو آهي ته پاڪ چين دوستي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل کانسواءِ خطي ۾ پائي??ار امن ممڪن نه آهي، پاڪستان تائيوان ۽ ڏکڻ بحيره چين سميت سمورن بنيادي معاملن تي چين جي حمايت جاري رکندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي پنجين دور کانپوءِ چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ??يو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو آهي، چين پاڪستان جي علائقائي سالميت، خودمختياري ۽ سلامتي تي پنهنجي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو، ڪشمير مسئلي تي چين جي مسلسل حمايت جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چين پاران گرمجوشي تي ٻڌل استقبال کي ساراهيندي ??يو ته منهنجي ۽ پاڪستاني وفد جي بهترين مهمان نوازي تي چيني قيادت جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن ??يو ته منهنجي چين جي نائب وزيراعظم سان مختلف موضوعن تي تعميري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، سي پيڪ، علائقائي، جاگرافيائي صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ??يو ته ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق راءِ ٿيو، ايم ايل ون، گوادر بندرگاهه، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، توانائي، زراعت ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. محمد اسحاق ڊار ??يو ته افغان عبوري حڪومت پنهنجي سرزمين تي دهشتگرد پناهگاهن کي ختم ڪري، شانگلا حملي جي ذميوارن کي ڪيفر ڪر??ار تائين پهچائينداسين، چين جي قيادت سان شانگلا حملي تي گهري ڏ?? ۽ ??عزيت جو اظهار ڪيو. هن ??يو ته شاهراهه قراقرم ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪر??ار ادا ڪري رهي آهي، ايندڙ سال پاڪ چين مثالي دوستي جي 73 هين سالگرهه هوندي. ان موقعي تي چين جي پرڏيهي وزير وانگ زي چين جي ون چائنا پاليسي تي پاڪستاني موقف کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي ??يو ته چين پاڪستان سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ اسٽريٽجڪ حصي??ار آهن، پاڪ چين دوستي پهاڙ وانگر مضبوط آهي. هن ??يو ته پاڪ چين لاڳاپا علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهن، نائب وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ محمد اسحاق ڊار جو چين جو دورو اهميت رکندڙ آهي، نائب وزيراعظم کي چين جي دوري تي ڀليڪار چئون ٿا. چين جي پرڏيهي وزير ??يو ته چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن.
پاڪ چين دوستي علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وير محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا