اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گي واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي آزادي مذهب ۽ عقيدا بابت خصوصي ايلچي فرانس وين ڊي?? وفد سان گڏ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ مذهبي عدم برداشت جي وڌندڙ رجحان، دهشتگردي، فرقيواريت جي خاتمي، امن قائم ڪرڻ ۽ بين المذاهب هم آه??گي کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين يورپي يونين جي خصوصي ايلچي کي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آه??گي واري وزارت ۾ اچڻ تي ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين عدم برداشت جي رجحان ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ پرامن گڏيل مستقبل کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين چيو ته پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آه??، بين المذاهب هم آه??گي پاليسي جوڙي حتمي منظوري لاءِ ڪابينا ڏانهن موڪلي آه??، مذهبي رواداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سم??رن مذهبن ۽ مسلڪن کا?? 700 کا?? وڌيڪ عالم پيغام پاڪستان تي صحيحون ڪيون، مذهب جي آڙ ۾ ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي، ملاقات ۾ بين المذاهب هم آه??گي کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ يورپي يونين ملڪن وچ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، وفد ۾ يورپي يونين جي پاڪستان ۾ سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونا به شامل هئي.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين سان يورپي يونين جي خصوصي ايلچي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ