اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هر مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي ??عودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سعودي عرب جي نائب گهر?? وزير ڊاڪٽر ناصر بن عبدالعزيز الدائود وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم سعودي نائب گهر?? وزير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي ??عودي قيادت ۽ حڪومت جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل طور تي لاڀائتي ??قتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ 2.8 ارب آمريڪي ڊالر جي سعودي سيڙپڪاري جي حوالي سان سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي ??ملدرآمد تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. رياض ۾ ٿيندڙ تازي عرب اسلامي سربراهي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزيراعظم سربراهي اجلاس منعقد ڪرڻ تي ??عودي عرب جي قيادت کي ساراهيو ۽ فلسطين ۾ اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي قدمن جي خلاف ۽ غزه ۾ تشدد جي ??ات??ي جي لاءِ گڏيل طور تي مسلمان امت کي متحد ڪرڻ جي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي ??ي شعبن ۾ تعاون جي اهميت تي ??ور ڏيندي وزيراعظم چيو ته سعودي عرب جي نائب گهر?? وزير ۽ سندس وفد جو دورو انهن حساس شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ مدد ڏيندو. وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال جي منظر آهي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری