گڏيل قومون-03 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل فلسطين مسئلي تي اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو. روسي خابرو اداري مطابق سلامتي ڪائو??سل جي جنوريءَ ۾ صدارت ڪندڙ ملڪ فرانس جي مستقل نمائندي نيڪولس ڊي ريوير پريس ڪانفرنس دوران ٻُڌايو ته 23 جنوريءَ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ فلسطين سان گڏوگڏ خطي جي صورتحال تي غو?? ويچار ڪيو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ وچ اوڀر جي ملڪن سوڌو ڪيترائي وزير شرڪت ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل کي غز?? ۾ جنگبنديءَ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي ۽ فسلطين ۽ اسرائيل تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي. فرانس جي ايلچي چيو ته اسان شهرين جي حفاظت جا پابند آهيون. غز?? ۾ ترسيل 20 لک شهري جن ۾ ٻارڙا، پيرسن ۽ عورتون شامل آهن، اهي سڀ دهشتگرد ناهن. هن چيو ته رفح ۽ ڪريم شالوم ڪراسنگ غز?? کي ضروري انساني امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن. ان مسئلي جي حل لاءِ قبرص کان امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سامونڊي راهداري کولڻ گهرجي.
فلسطين مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جو اعليٰ سطحي اجلاس 23 جنوريءَ تي ٿيندو: فرانس جو نمائندو
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار