اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ڪوڙ ۽ احتجاجي سياست سان عدا??ت ۾ ڪيس نٿو کٽي سگهي، سندس وڪيل دليل ڏئي چڪا آهن پر ڪاغذن جو هڪ ٽڪرو به اڃان ثبوت طور پيش نه ڪري سگهيا، خان صاحب اڄ مريم نواز جي ??الي کي بار بار ورجائيندو رهيو، تمام جلد هاڻي هي نعرا به هڻندا، عمران خان جي ??ڪيلن عدا??ت ۾ اسان جي ڏنل دستاويزن تي پنهنجو ڪيس وڙهيو، پي ٽي آءِ جي ڪوڙ ۽ تڪراري سياسي بيانن تي وزيراعظم ته ڇا ڪنهن اسيمبلي ميمبر کي به ڊي سيٽ نٿو ڪري سگهجي، عمران خان کي وري مبارڪ هجي ??ارووال ۾ ه??لٿ ڪيئر جو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، پاناما پيرز سان وزيراعظم جو ڪوبه تعلق نه آهي. جمعي ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ پاناما پيپرز جي ??ڌڻي کانپوءِ ميڊيا سان ڳا??هائيندي هن چيو ته عمران خان کي عدالت کان ٻاهر ڪيس وڙهڻ جي عادت آهي، ان ڪيس کانپوءِ عمران خان کي سبق ملي ويندو ته عدا??ت ۾ ڪيس ڪيئن وڙهيو ويندو آهي، هن چيو ته عدا??ت ۾ جيترا به ثبوت ۽ دستاويز پيش ٿيا اهي اسان ڏنا، احتساب جونعرو لڳائيندڙن کان پڇو ته خيبرپختونخوا ۾ احتساب ڪميشن جو ڇا ٿيو، مملڪتي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اڃان اسان جي ??هرين وڪيل دليل شروع ڪيا آهن اڃان وڌيڪ وڪيل موجود آهن جيڪي پنهنجا دليل ڏيندا.
عمران خان ڪوڙ ۽ احتجاجي سياست سان عدالت ۾ ڪيس نٿو کٽي سگهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔