اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ٽي??س اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب رپين مان وڌ??ئي 4013 ارب رپيا ڪيو ??يو آهي ۽ ان ۾ عام ماڻهو تي ڪو نئون ٽي??س ناهي هنيو ??يو، بجيٽ ۾ 120 ارب رپيا ٽي??س هنيا ويا آهن جڏهن ته مختلف ٽي??سن ۽ ڊيوٽين جي مد ۾ 33 ارب رپين جو رليف فراهم ڪيو ??يو آ??ي، زراعت جي لاءِ گذريل سال جا سمورا رعايتي پئڪيج بحال رکيا آهن، ڊي اي پي ڀاڻ تي سيلز ٽي??س ۾ 300 رپين جي گهٽت??ئي ڪئي وئي آ??ي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو جي ايڊهاڪ اضافي کي بنياد پگهار ۾ ض?? ڪرڻ کانپوءِ بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ رليف ڏنو ويندو. بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان کي ملڪ جي معاسي استحڪام جي لاءِ گڏجي سخت محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان سڀني جو فرض آهي ته اسان چارٽر آف اڪانومي تي اتفاق ڪريون ته جيئن معاشي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته مون پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ به ٽن سالن بدران 5 سالن جي ميڪرو اڪنامڪ هدفن جو ذڪر ڪيو ??و ته جيئن 23 – 2018ع جي حڪومت جي دور ۾، جنهن کي به حڪومت جو موقعو ملي، اهي معاشي هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻ??ئي سگهي. هن چيو ته چونڊن کان اڳ هي آخري سال آهي جنهن ۾ اسان کي چارٽر آف اڪانومي تي متفق ٿيڻ گهرجي ته جيئن اقتصادي ۽ سماجي هدفن جو صحيح تعين ڪري سگهجي.
ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 3500 ارب رپين مان وڌائي 4013 ارب رپيا ڪيو آهي: اسحاق ڊار جي پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری